جديد قومي ۽ بين القومي نظام

جديد قومي ۽ بين القومي نظام

جديد قومي ۽ بين القومي نظام

جديد قومي ۽ بين القومي نظام (ڪتاب ):نامياري ليکڪ ۽ دانشور خاڪي جويي جي هن ڪتاب ۾ جديد قومي ۽ بين القومي دنيا جي مستقبل جو سائنسي تجزيو ۽ نقطه نظر بيان ڪيل آهي. ڪتاب ۾ سنڌ جي قومي سوال ۽ سنڌ جي مستقبل تي پڻ جديد سائنسي انداز ۾ بحث ٿيل آهي. ڪتاب ۾ سوشلزم، ڪميونزم، سرمائيداري ۽ جاگيرداريءَ سميت چين، ويٽنام ۽ ٻين قومن جي انقلاب جا تفصيل پڻ ڏنل آهن. ان کانسواءِ قومپرستي ۽ حب الوطنيءَ جي نقطي تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيل آهي. 2007ع ۾ ساڃاهه پبلڪيشن طرفان پڌري ڪيل هن ڪتاب ۾ جدليات، گروهي فرقي وار فطرت سان گڏ سوويت يونين جي ڊهڻ تي به گهرائيءَ سان بحث ٿيل آهي. ڪتاب جي آخري صفحي تي ليکڪ پاران سائين جي. ايم. سيد، لينن، ميخائل گورباچوف، انتظار حسين زيدي، اسٽالن، هيگل، عبدالواحد آريسر سميت دنيا جي مختلف ڏاهن، دانشور، قومي اڳواڻن ۽ اديبن جا حوالا ڏنا ويا آهن. ڪتاب جو انتساب پروفيسر عبدالله مگسيءَ جي نالي آهي. ڊيمي سائيز، ڪچي جلد ۽ 174 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت 100 رپيا ڄاڻايل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو